پيٽرول 9 رپيا 41 پئسا ۽ ڊيزل 5 رپيا 56 پئسا في ليٽر سستو

پيٽرول 9 رپيا 41 پئسا ۽ ڊيزل 5 رپيا 56 پئسا في ليٽر سستو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 41 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 56 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 352 رپيا 59 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 382 رپيا 25 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کانپوءِ لاڳو ٿيندا، جيڪي 6 نومبر تائين برقرار رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو