پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: ڪنڊي

پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: ڪنڊي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر ڪي پي چيو ته جنهن به کاتي بابت اسان کي بريفنگ ڏني وڃي ٿي ته اسان مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهون ٿا. شهر ۾ جيڪا صفائي ٿي رهي آهي، ڇا اها اڳ نه ٿي ڪرائي سگهيا؟ ان وقت ملازم سندن گهرن ۾ نوڪريون ڪري رهيا هئا يا گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا هئا؟ هن چيو ته هاڻي جيڪو به گهر ويٺي پگهار کڻندو، اهو نوڪريءَ تان ويندو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ۽ جزا جو نظام لاڳو ڪيو ويندو.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي ڳالهين ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پي ٽي آءِ جون چار فرنچائزون آهن. هڪ جماعت پنهنجي چيئرمين، جنرل سيڪريٽري ۽ اسپيڪر کي ئي نٿي مڃي ته پوءِ اسان کي ڇا مڃيندي؟سندس چوڻ هو ته اهي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، کين ٻڌائڻ گهرجي ته انهن جي اصل فرنچائز ڪهڙي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي جي گرفتاري وارنٽن بابت قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو