لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني گالفر احمد بيگ يورپين ٽور تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي ڪواليفائنگ اسڪول جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اسپين جي شهر الميريا ۾ ڊيزرٽ اسپرنگز ريزورٽ ۾ ٿيل ٻئي مرحلي ۾ احمد بيگ 27 انڊر پار جي مجموعي اسڪور سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. احمد بيگ چئن رائونڊن ۾ 67، 63، 65 ۽ 66 جا اسڪور ٺاهيا، سندس مجموعي اسڪور 261 رهيو. پاڪستاني گالفر انگلينڊ جي جيڪ يول ۽ زمبابوي جي ڪيرن ونسنٽ کي 5 اسٽروڪس جي فرق سان پوئتي ڇڏي ڏنو. ٻنهي گالفرن 22 انڊر پار اسڪور سان گڏيل طور ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي کانپوءِ احمد بيگ ڊي پي ورلڊ ٽور ڪواليفائنگ اسڪول جي فائنل مرحلي ۾ پهچي ويو آهي، جيڪو 6 کان 11 نومبر تائين اسپين جي انفينيٽم ريزورٽ ۾ کيڏيو ويندو. ڊي پي ورلڊ ٽور، جيڪو اڳ ۾ يورپين ٽور جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جي 2027ع جي سيزن ۾ کيڏڻ جا موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ فائنل مرحلي جي ٽاپ 15 رانديگرن ۽ انهن سان گڏ برابر پوزيشن حاصل ڪندڙ گالفرن کي موقعو ملندو، جڏهن ته انهن رانديگرن کي هوٽل پلانر ٽور جي مڪمل ميمبرشپ پڻ حاصل ٿيندي. احمد بيگ هاڻي فائنل مرحلي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري عالمي پروفيشنل گالف جي وڏي سرڪٽ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو.










