اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته معدنيات جا معاملا اڃان تائين صرف ڳالهين جي حد تائين محدود آهن، ڪوبه ٺيڪو، ڪابه مائن آمريڪا جي حوالي ناهي ڪئي وئي، جيڪي گورنر راڄ جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن چاهيو ٿي ته انهي سيٽ اپ ۾ انهن جو به ڪردار هجي.خواجه آصف جو چوڻ هو ته دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان وٽ قيمتي معدنيات آهن، ڪينيڊا، چين، آسٽريليا، آمريڪا سڀني کي دلچسپي آهي، انهن ملڪن ۾ جنهن سان گڏ اسان محفوظ آهيون، انهن سان گڏجي ضرور ڪم ڪنداسين، پرڏيهي سرمائيڪاري کان سواءِ اسان اها معدنيات نٿا ڪڍي سگهون.دفاع واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاق سان تعاون نه ڪري رهي هئي، دهشتگردن جي پناهگاهن جي خبر هجڻ باوجود اڳوڻي صوبائي حڪومت ڪارروائي نه ڪندي هئي، صوبائي حڪومت جي خاموشي سبب دهشتگردي تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ڏيڍ سال ۾ دهشتگردن جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿيو.خواجه آصف چيو ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اتحاد جي ضرورت آهي، هاڻ هڪ متحرڪ حڪومت اتي دهشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪندي، هاڻ هڪ ئي مقصد هوندو ته خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي. انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن صوبائي حڪومت رٽ قائم نه ڪري ته ساڳئي بيماري واپس اچي ويندي آهي، هاڻ دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي کان پوءِ صوبائي حڪومت رٽ جي قيام لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي.دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو منصوبو پهريان جو نه هو، سمورا آپشن استعمال ڪيا ويا انهي کان پوءِ اهوئي آخري آپشن بچو هو، جنهن تي عمل ڪيو ويو، سڌين آڱرين سان گيهه نڪرندو ته صحيح آهي ٻئي صورت ۾ آڱريون ٽيڙهيون به ڪرڻيون پونديون آهن.هن مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي انهي قدم جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن چاهيو ٿي ته انهي سيٽ اپ ۾ انهن جو به ڪردار هجي جيڪو انهن کي نه مليو. نئين سيٽ اپ ۾ جن کي ڪردار ناهي مليو اهي هاڻ اهڙيون ڳالهيون ڪري صوبي جو نقصان ڪري رهيا آهن.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت بنجڻ کان پوءِ هڪ گڏجاڻي گهرائي وئي، انهي ۾ اهي سمورا ماڻهو شامل هئا، انهي گڏجاڻي ۾ فيصلو ٿيو ته فوري چونڊون ڪرايون وڃن.(ن) ليگ به تڪڙين چونڊن جي حق ۾ هئي، اهي ماڻهو تڪڙين چونڊن جي حق ۾ نه هئا، اسان تڪڙين چونڊن جي حق ۾ هئاسين، عدم اعتماد کان پوءِ مون پاڻ شهباز شريف کي چيو هو ته هڪ مهيني ۾ چونڊون ڪرائي ڇڏيو.خواجه آصف چيو ته انهن ماڻهن جون نظرون انهي وقت به مال تي هيون ۽ هن وقت به انهن جو روئڻ اقتدار جو آهي، هن وقت به انهن کي ڏک اهو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ختم ٿئي ته انهن کي کيڏڻ جو موقعو ملڻ گهرجي جيڪو انهن کي نه مليو. خواجه آصف چيو ته مشرف جي دور ۾ مولانا فضل الرحمان اپوزيشن اڳواڻ هو ۽ انهي سان گڏ ايم ايم اي جي حڪومت هئي انهي وقت پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ چاهيو ٿا ته اپوزيشن اسان کي ملي پر نه ملي، 2 کان اڍائي سال اڳ هڪ سال جي حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمان اسان جو ساٿي هو.خواجه آصف محسن نقوي جي پارليامينٽ ۾ ڪيل ڳالهين کي صحيح قرار ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ محسن نقوي جي آواز ۾ خلوص هو، سهيل آفريدي کي مراد سعيد جي چوڻ تي وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو هو، مراد سعيد ۽ پي ٽي آءِ باني هڪ سڪي جا 2 پاسا آهن.










