ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 3 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن بابت وڏو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 93 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه برقرار رکيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي کانپوءِ نئون اگهه 386 رپيا 30 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 396 رپيا 96 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جي نون اگهن تي اڄ رات 12 وڳي کان عمل ٿيندو، جڏهن ته نوان اگهه 17 آڪٽوبر کان 19 آڪٽوبر تائين برقرار رهندا.










