اسلام آباد (بيورو رپورٽ )نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان لميٽيڊ (اين جي سي)، جيڪا پاڪستان ۾ بجليءَ جي ترسيلي نظام جي ذميوار قومي ڪمپني آهي، پنهنجي برانڊ جي نئين سڃاڻپ (لوگو) ”نيشنل گرڊ پاڪستان“ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. اها تبديلي اداري جي ارتقائي سفر ۾ هڪ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿي. نئين سڃاڻپ اداري جي جديد ويزن ۽ بجليءَ جي قومي ترسيلي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ اداري جو نالو ۽ ظاهري سڃاڻپ تبديل ڪئي وئي آهي، پر ان جي بنيادي ذميوارين ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. نئين سڃاڻپ واپڊا جي تنظيمِ نو جي نتيجي ۾ 1998ع ۾ قائم ٿيندڙ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي 25 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ورثي ۽ تجربي جو تسلسل آهي. اين ٽي ڊي سي جي قانوني جانشين جي حيثيت سان نيشنل گرڊ پاڪستان ملڪ ڀر ۾ بجليءَ جي ترسيل جون خدمتون فراهم ڪندڙ قومي ادارو آهي. نيشنل گرڊ پاڪستان ملڪ جي ايڪسٽرا هاءِ وولٽيج ( اي ايڇ وي) ترسيلي نظام جي منصوبابندي، تعمير، آپريشن ۽ سارسنڀال جو ذميوار آهي. اهو نظام سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جي قابلِ اعتماد ترسيل کي يقيني بڻائڻ ۽ بجلي پيدا ڪندڙ مرڪزن کي لوڊ سينٽرن سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
پاڪستان جو توانائيءَ وارو شعبو هن وقت سڌارن جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ بجليءَ جي مقابلي واري مارڪيٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نيشنل گرڊ، بجليءَ جي قومي نظام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پنهنجي اداري جي صلاحيتن ۽ عملي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيو آهي. اداري جي اهم ترجيحن ۾ ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ، گرڊ جي بنيادي ڍانچي کي جديد گهرجن مطابق ترقي ڏيڻ، انتظامي نظام ۽ جوابدهيءَ کي مضبوط بڻائڻ ۽ اهڙيون جديد ٽيڪنالاجيون اختيار ڪرڻ شامل آهن، جيڪي بجليءَ جي ترسيلي نظام جي قابلِ اعتماد ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو ڪن.
هن حڪمتِ عمليءَ ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي اهم حيثيت حاصل آهي. نيشنل گرڊ پاڪستان جديد انٽرپرائز سسٽمز، مؤثر نگراني، ڊرونز ذريعي ٽرانسميشن لائينن جي معائني، جديد SCADA سسٽم، سائبر سيڪيورٽيءَ جي بهتر انتظامن ۽ مربوط ڊجيٽل طريقن کي هٿي ڏئي رهيو آهي. انهن سڌارن جو مقصد نظام جي بهتر انتظام، ڪارڪردگيءَ جي مؤثر نگراني ۽ بروقت توڙي بهتر فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.
ادارو قومي ترسيلي نظام کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پڻ اهم منصوبابندي ڪري رهيو آهي. مالي سال 2027ع کان 2029ع تائين جي ڪاروباري منصوبي تحت بجليءَ جي ترسيلي گنجائش کي لڳ ڀڳ 70,910 ايم وي اي مان وڌائي 96,905 ايم وي اي تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي. ان مقصد لاءِ 765 ڪي وي، 500 ڪي وي ۽ 220 ڪي وي جا نوان انفراسٽرڪچر، هاءِ وولٽيج ڊائريڪٽ ڪرنٽ (ايڇ وي ڊي سي) نظام جو انضمام، نوان گرڊ اسٽيشنز ۽ هزارين ڪلوميٽرن تي پکڙيل نيون ٽرانسميشن لائينون تعمير ڪرڻ شامل آهي. انهن سيڙپڪاري ۽ ترقياتي قدمن سان نيشنل گرڊ جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان ملڪ جون بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ، بجلي پيدا ڪرڻ جي نون ذريعن کي نظام ۾ شامل ڪرڻ ۽ وڌيڪ مستحڪم ۽ قابلِ اعتماد بجليءَ جو نظام قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
نيشنل گرڊ پاڪستان جي نئين سڃاڻپ انهن سمورين ترجيحن کي هڪ گڏيل اداري جي تشخص هيٺ آڻي ٿي. اها سڃاڻپ اداري جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل تجربي ۽ توانائيءَ جي بدلجندڙ منظرنامي ۾ ان جي وڌندڙ ذميوارين جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان ۾ بجليءَ جو نظام مسلسل ترقيءَ جي مرحلن مان گذري رهيو آهي، جڏهن ته نيشنل گرڊ پاڪستان پنهنجي بنيادي ذميواريءَ تي ڌيان مرڪوز رکيو آهي. ان جو مقصد هڪ قابلِ اعتماد قومي ترسيلي نظام کي هلائڻ ۽ وڌيڪ ترقي ڏيڻ آهي، ته جيئن ملڪ جون توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي ملي سگهي.










