اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ردوبدل ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 26 پيسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو هڪ پيسو في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 390 رپيا 66 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت گهٽجي 399 رپيا 34 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 2 آڪٽوبر لاءِ لاڳو هونديون.










