بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۽ آمريڪا فوجي بحرانن جي صورت ۾ هڪٻئي کي آگاهه ڪرڻ بابت اتفاق ڪيو آهي. صدر شي جن پنگ جي 23 کان 25 سيپٽمبر تائين واشنگٽن جي ٽن ڏينهن واري سرڪاري دوري دوران فوجي بحرانن بابت رابطي جي هڪ نئين معاهدي تي اڳتي وڌندا.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ (ايس سي ايم پي) موجب، واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ سربراهي اجلاس کان اڳ ۽ اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهين تي فوجي اختيارين ويجهي نظر رکي.
هڪ آمريڪي عهديدار واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ عوامي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي ”سڀني لاءِ اعتماد وڌائڻ وارو عمل“ قرار ڏنو.
شي جن پنگ ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چين جي پرڏيهي وزارت موجب ڳالهين دوران واپار، مصنوعي ذهانت ۽ منشيات خلاف سهڪار سميت وڌيڪ اٺ معاملن تي نتيجا ۽ مفاهمتون حاصل ٿيون.
چين ۽ آمريڪا جون فوجون بحرانن بابت رابطي ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت ”جيترو جلد ممڪن هجي“ مڪمل ڪرڻ ۽ چين ۾ گم ٿيل فوجي اهلڪارن جي ڳولا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت 26 سيپٽمبر تي جاري ڪيل بيان ۾ اها ڄاڻ ڏني.
فوجي رابطي جي نظام جا تفصيل اڃا واضح ناهن
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب سربراهي اجلاس کان اڳ ٻنهي ملڪن جون فوجون وڌيڪ فوجي رابطن جا ذريعا فعال ڪرڻ ۽ موجوده رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدمن جي تياري ڪري رهيون هيون.
پر ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ اڳ ئي صلاح مشوري جا انتظام ۽ اعليٰ سطحي رابطي جا ذريعا موجود آهن.
بيجنگ پاران جاري ڪيل اعلان ۾ اهو واضح نه ڪيو ويو ته تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت تحت نئين هاٽ لائن قائم ڪئي ويندي، موجوده رابطن کي استعمال ڪرڻ لاءِ نوان طريقا طئي ڪيا ويندا يا اهو طئي ڪيو ويندو ته ڪهڙن واقعن جي صورت ۾ هنگامي مشاورت شروع ڪئي ويندي.
تنهن هوندي به، پنهنجي دوري دوران شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.
شي جن پنگ فوجي رابطن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻ جي پنهنجي وسيع اپيل سان ڳنڍيندي چيو: ”…اسان يقيناً پنهنجي ٻنهي عظيم ملڪن لاءِ هن ڌرتيءَ تي، جنهن کي اسين ٻئي پنهنجو گهر سڏيون ٿا، گڏجي رهڻ جو صحيح رستو ڳولي سگهون ٿا.“
آمريڪي ۽ چيني فوجي ڪمانڊرن وچ ۾ ٻيهر رابطا
تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت آمريڪا ۽ چين جي سينيئر فوجي ڪمانڊرن وچ ۾ ٻيهر شروع ٿيل رابطن کانپوءِ سامهون آئي آهي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب، انڊو-پئسفڪ خطي ۾ آمريڪا جي سينيئر فوجي ڪمانڊر ايڊمرل سيموئل پاپارو آگسٽ جي آخر ۾ برٽش ڪولمبيا جي وڪٽوريا ۾ ٿيل دفاعي ڪانفرنس دوران پيپلز لبريشن آرمي جي ايسٽرن ٿيٽر ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل يانگ زي بن سان ملاقات ڪئي.
ايس سي ايم پي رپورٽ ڪيو ته اها ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيٽر سطح تي ٻن سالن کان جاري رابطي جي وقفي جو خاتمو هئي.
پاپارو ۽ يانگ وچ ۾ اعليٰ سطحي اڳواڻن جي رابطي کي برقرار رکڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جو مقصد غلط اندازن سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن کي محفوظ ۽ پيشوراڻي طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ هو.
فوجي معاهدي جو اعلان چين جي پرڏيهي وزارت پاران سربراهي اجلاس جي ٻين اٺن نتيجن کان الڳ طور ڪيو ويو. انهن نتيجن ۾ ٻنهي ملڪن چين-آمريڪا مصنوعي ذهانت ڳالهه ٻولهه قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت جي خطرن ۽ فائدن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ ايندڙ ڳالهه ٻولهه نومبر 2026ع ۾ ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ سمٽ جيڪا شينزين ۾ ٿي ندي، ان دوران مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊسمبر ۾ جي 20 اجلاس ۾ چيني صدر ميامي ۾ شرڪت ڪندو.
چين جي پرڏيهي وزارت 26 سيپٽمبر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ”چين ۽ آمريڪا مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل واقعن بابت ٻطرفو رابطي جو چينل قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي.“
فوجي لاڳاپن جي حوالي سان بيجنگ جو ايندڙ قدم مفاهمتي يادداشت کي مڪمل ڪرڻ آهي. تنهن هوندي به، چين ڪا مخصوص آخري تاريخ مقرر ناهي ڪئي ۽ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جون فوجون اهو معاهدو ”جيترو جلد ممڪن هجي“ مڪمل ڪرڻ تي متفق ٿيون آهن.
چين 30 ارب ڊالرن جون شيون جيڪي گهڻو ڪري رانديڪا ۽ ڪرسمس سان لاڳپيل آهن، انهن تي ٽيرف ۾ گهٽتائي چاهي ٿو.
صدر ٽرمپ چيو هو ته 2027 ۽ 28 ۾ چين هڪ ڪروڙ ٽن ڪوئلو آمريڪا کان خريد ڪندو.
ٻنهي ملڪن پاران اهو واضح ناهي ته چين جي ناياپ منرلز ۽ آمريڪا جي سيمي ڪانڊڪٽر ڏيڻ بابت ڇا طئي ٿيو آهي.










