اي آءِ ماهر ٺاهيل نظامن تي ڪنٽرول وڃائي سگهن ٿا: اينٿروپڪ

اي آءِ ماهر ٺاهيل نظامن تي ڪنٽرول وڃائي سگهن ٿا: اينٿروپڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مصنوعي ذهانت جي وڏي ڪمپني اينٿروپڪ خميس ڏينهن چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جا نظام تيزيءَ سان مستقبل ۾ پنهنجا نوان نسل پاڻ ٺاهڻ جي قابل ٿي رهيا آهن، جنهن سان هن طاقتور ٽيڪنالاجي جي خطرن بابت وڌندڙ خدشن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
مصنوعي ذهانت جي خطرن بابت بحث گذريل ڪجهه مهينن دوران وڌيڪ تيز ٿيو آهي، جنهن جو سبب ڪيترائي واقعا ۽ صنعت سان لاڳاپيل ماهرن طرفان ڏنل دنيا جي تباهي بابت خبرداريون آهن.
اينٿروپڪ چيو ته سندس ڪلائوڊ چيٽ بوٽ هاڻي ڪمپني جي تحقيق ۽ ترقيءَ واري ڪم جي چوٿين حصي کان وڌيڪ ۾ اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اهو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمن ۾ انساني عملي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪمپني چيو ته هن معلومات کي عام ڪرڻ جو مقصد عوام، ٽئين ڌر ۽ حڪومتن کي ”مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ جي رفتار بابت وڌيڪ واضح ڄاڻ“ فراهم ڪرڻ آهي، خاص طور تي ان وقت جڏهن دنيا مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ جي رفتار کي سست ڪرڻ بابت غور ڪري رهي آهي.
اينٿروپڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاريو اَموڊي هن مهيني مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ جي رفتار سست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتاري سان ٿيندڙ اڳڀرائي سبب نوڪرين جي خاتمي، توانائي جي وڌندڙ گهرج ۽ ڊيٽا سينٽرن جي ماحولياتي اثرن بابت خدشا وڌي رهيا آهن.
مصنوعي ذهانت وارا نظام ٺاهيندڙ ماهر پنهنجي ٺاهيل نظامن تي ڪنٽرول وڃائي سگهن ٿا، ان بابت خدشا پڻ ان وقت وڌيا، جڏهن رپورٽن موجب اينٿروپڪ ۽ ان جي حريف ڪمپني اوپن اي آءِ جا ڪيترائي ماڊل پنهنجي محدود ماحول مان پاڻ ٻاهر نڪري ويا، انٽرنيٽ تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ مختلف ويب سائيٽن ۽ آن لائن پليٽ فارمن ۾ مداخلت ڪئي.
اينٿروپڪ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو: ”جيڪڏهن مصنوعي ذهانت جا ماڊل پنهنجي ترقيءَ جي رفتار پاڻ وڌائڻ لڳا ته انسانن لاءِ انهن نظامن کي سمجهڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.“
ڪمپني وڌيڪ چيو ته: ”ان ڪري ضروري آهي ته اهي انگ اکر عوام سان شيئر ڪيا وڃن، جيئن اهو سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ته دنيا خودڪار طريقي سان پنهنجي ايندڙ نسل جو ماڊل ٺاهڻ واري مرحلي، يعني بار بار ٿيندڙ خود بهتري، تائين پهچڻ کان ڪيتري ويجهو آهي.“
آگسٽ تائين ڪلائوڊ اينٿروپڪ جي تحقيق ۽ ترقيءَ واري ڪم جو 26 سيڪڙو انجام ڏئي رهيو هو. ان جو مطلب آهي ته انساني نگراني هيٺ اهو ڪنهن ڪم جو وڏو حصو شروع کان آخر تائين مڪمل ڪري سگهي ٿو.
اينٿروپڪ چيو ته ڪلائوڊ اڃا تائين مڪمل طور تي خودمختيار طريقي سان ڪم ڪرڻ جي قابل ناهي.
ڪمپني ٻڌايو ته هن وقت لڳ ڀڳ 30 هزار مصنوعي ذهانت وارا ايجنٽ تحقيق ۽ انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ مصروف آهن. هتي ايجنٽن مان مراد اهڙا مصنوعي ذهانت وارا پروگرام آهن، جيڪي مختلف ڪم انجام ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
صنعت ۾ ضابطن بابت خدشن جي باوجود، اميد ڪئي پئي وڃي ته اينٿروپڪ هن سال جي آخر ۾ هڪ وڏي ابتدائي عوامي حصيداري (IPO) ذريعي اوپن اي آءِ کان اڳ عوامي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو