مير رضا جي دوست ۽ ايس ايڇ او جا بيان قلمبند

مير رضا جي دوست ۽ ايس ايڇ او جا بيان قلمبند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ قائم جوڊيشل ڪميشن جي چوٿين ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ڪميشن مير رضا جي دوست محمد هيثم جو بيان رڪارڊ ڪيو.
محمد هيثم عدالتي سوال جي جواب ۾ چيو ته مان هڪ سافٽ ويئر هائوس ۾ ڪم ڪندو آهيان، جيڪو منهنجي آمدنيءَ جو ذريعو آهي. مير رضا 2014ع کان منهنجو اسڪول جي دور جو دوست آهي. منهنجي ساڻس ملاقات پيڊل ۽ ٻين گيمنگ سرگرمين دوران ٿي هئي.
محمد هيثم پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته 27 جولاءِ، آچر جي صبح جو 3 وڳي ملاقات ٿي هئي. واصف، احمد، مير رضا، علي عباس ۽ مان گڏجي ملياسين. آخري ڀيرو رازق جي ڪار ۾ مون پنهنجي وڊيو ڪال ذريعي مير رضا سان ڳالهه ڪئي هئي. هو خوشگوار موڊ ۾ هو ۽ رازق سان کل ڀوڳ ڪري رهيو هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مير رضا گم ٿي ويو آهي؟ جواب ۾ هن ٻڌايو ته 28 جولاءِ تي مير جي منگينديءَ مون کي فون ڪري ٻڌايو. صبح جو 4 وڳي، منگيندي پريشاني جي حالت ۾ فون ڪئي. مون کيس چيو ته پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، منهنجي مير رضا سان ڳالهه ٿي آهي، هو هتي ئي ڪٿي هوندو. پوءِ مون رازق کي فون ڪيو، جنهن ٻڌايو ته رضا کي هن پنهنجي آفيس تي لاٿو هو.
محمد هيثم وڌيڪ چيو ته پوءِ مون سندس والده کي فون ڪري رضا بابت پڇيو ۽ چيو ته ڇا اوهان چيڪ ڪري ٻڌائي سگهو ٿا ته مير رضا پنهنجي ڪمري ۾ آهي يا نه؟ پوءِ سندس والده ٻڌايو ته هو ڪمري ۾ به ناهي ۽ گاڏي به موجود ناهي. مون رازق کي فون ڪري چيو ته رضا نٿو ملي، تون گهر پهچ.
مان ۽ رازق صبح ساڍي چار وڳي چانهه جي هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽن ۾ مير رضا کي ڳولڻ لڳاسين. پوءِ مان مير رضا جي گهر پهتس. مون وٽ ڪرائي تي ورتل سفيد آلٽو گاڏي هئي. جڏهن مان مير جي گهر پهتس ته اتي ڪو به دوست موجود نه هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته مير رضا جي ڪمري جي تلاشي ڪنهن ورتي؟ ان تي سندس دوست محمد هيثم ٻڌايو ته مان گهر کان ٻاهر موجود هئس، جڏهن ته رازق ۽ عبدالله گهر اندر ڪمري جي تلاشي ورتي.
ڪميشن جي سربراهه سوال ڪيو ته ڇا اوهان سچ ڳالهائي رهيا آهيو يا ٻيا دوست ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن؟ اوهان اهو به چئي سگهو ٿا ته باقي دوستن ڪوڙ ڳالهايو ته اوهان به ڪمري جي تلاشي دوران موجود هئا. ڇا 28 جولاءِ تي اوهان مير رضا جي ڪال ڊيٽا بابت خاندان کي ٻڌايو هو؟ محمد هيثم چيو ته مون مير رضا جي خاندان کي سندس آخري لوڪيشن ملينيم جي سامهون ٻڌائي هئي. ڪميشن سوال ڪيو ته اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟ اوهان سي ڊي آر ڪيئن حاصل ڪئي؟ محمد هيثم جواب ڏنو ته منهنجي دوست حمزه مون کي ڊيٽا ڏني هئي. حمزه به مير رضا جو دوست هو، جنهن ٻڌايو ته سي ڊي آر ڪنهن ٻئي دوست کيس شيئر ڪئي هئي.
جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه چيو ته مير رضا جي منگيندي مون کي اطلاع ڏنو هو ته مير جا اڪائونٽس ۽ واٽس ايپ غيرفعال ٿي ويا هئا، پر مير رضا جو دوست محمد هيثم پنهنجي بيان ۾ اهي ڳالهيون نٿو ٻڌائي. هن محمد هيثم کي هدايت ڪئي ته حقيقتون مڪمل طور بيان ڪريو، انهن کي تبديل نه ڪريو.
جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه چيو ته ڇا اوهان خاندان کي چيو هو ته مير رضا جي استعمال هيٺ گاڏي ڪرائي تي ورتل هئي، تنهن ڪري ان کي واپس ڪيو وڃي؟ هيثم جواب ڏنو ته منهنجي ڪزن شوروم تان مير رضا کي ڪرائي تي گاڏي وٺي ڏني هئي.
سربراهه جوڊيشل ڪميشن پڇيو ته ڇا اوهان خاندان کي چيو هو ته جيڪڏهن گاڏي واپس نه ڪئي وئي ته اوهان لاءِ مسئلو ٿي ويندو؟ هيثم جواب ڏنو ته ها، مون مير رضا جي خاندان کي چيو هو ته جيڪڏهن گاڏي واپس نه ڪئي وئي ته مسئلو ٿي ويندو. مون اهو ان ڪري چيو، ڇو ته گاڏي منهنجي ضمانت تي ڏني وئي هئي.
سماعت دوران هيثم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان پهرين آگسٽ کان ڪنهن سان رابطو نه ڪيو هو؟ ان تي هن چيو ته مون کي سي آءِ اي ۽ فيروزآباد ٿاڻي پاران بيان لاءِ گهرايو ويو هو. مون کي چيو ويو هو ته ڪنهن به قسم جي پوسٽ نه لڳائڻي آهي ۽ نه ئي ڪنهن احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻي آهي.
جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه سوال ڪيو ته اوهان جي ذهن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو اوهان پاڻ کي ذميوار سمجهي رهيا هئا؟ اوهان پنهنجا سوشل اڪائونٽس تبديل ڪري ڇڏيا، ڇا اوهان جو مير جي ڪاروبار سان ڪو واسطو هو؟
محمد هيثم جوڊيشل ڪميشن کي جواب ڏنو ته ها، جڏهن هن ڪاروبار شروع ڪيو هو ته مان ساڻس شريڪ هوس. مون هڪ سال اڳ مير رضا کان 15 هزار رپيا ورتا هئا. ڪاروبار ۾ منهنجي پئسن جو ڪو عمل دخل نه هو. مير رضا ڪرپٽو ڪرنسي ۾ به ڪم ڪري رهيو هو، پر منهنجي ڄاڻ موجب مير رضا ڪنهن ڪاروبار ۾ مالي نقصان کي منهن نه ڏئي رهيو هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته اوهان جي خيال ۾ احمد ۽ عبدالله سان مير رضا جي ڪاروبار بابت ڪي مسئلا هئا؟ ان تي هن ٻڌايو ته احمد ۽ عبدالله جا مير رضا جي ڪاروبار سان لاڳاپيل مسئلن بابت مون کي ڪا ڄاڻ ناهي.
جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته جڏهن اوهان ٿاڻي ويا ته ڇا پوليس وارن اوهان جو بيان لکيو هو؟ هيثم جواب ڏنو ته جڏهن مان ٿاڻي ويس ته پوليس وارا منهنجو بيان ڪمپيوٽر تي ٽائيپ ڪري رهيا هئا.
سربراهه جوڊيشل ڪميشن وري سوال ڪيو ته ٿاڻي ۾ اوهان ٻيهر بيان ڪڏهن ڏنو؟ هيثم ٻڌايو ته مون کي 16 آگسٽ تي نئين جاچ ٽيم فون ڪري گهرايو هو.
سربراهه جوڊيشل ڪميشن محمد هيثم کان پڇيو ته جاچ ٽيم اوهان کان ڪهڙا سوال ڪيا؟ محمد هيثم ٻڌايو ته جاچ ٽيم خودڪشي ۽ قتل بابت سوال ڪري رهي هئي.
سربراهه جوڊيشل ڪميشن محمد هيثم سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان کان ڦري رهيا آهيو، مون سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪريو. ڇا اوهان ڪاروبار بابت ڪجهه تفصيل گڏ ڪيا هئا؟ ڇا اوهان اهڙو بيان ڏنو هو؟
محمد هيثم جوڊيشل ڪميشن کي جواب ڏنو ته احمد مون کي ڪاروباري پئسن بابت ٻڌايو هو. مون پوليس کي جيڪو بيان ڏنو، ان جي ڪاپي مون کي اڃا تائين نه ملي آهي.
ڪميشن پڇيو ته ڇا نئين جاچ ٽيم به اهڙا ئي سوال ڪيا هئا، جهڙو بيان اوهان هتي ڏئي رهيا آهيو؟ محمد هيثم جوڊيشل ڪميشن کي جواب ڏنو ته نئين جاچ ٽيم 16 آگسٽ تي منهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو هو.
دوست رازق جو بيان
مير رضا جي دوست رازق ٻڌايو ته 28 جولاءِ تي اسان گڏجي ماني کاڌي هئي. ان دوران هن مون سان هڪ عجيب ڳالهه ڪئي. هن چيو ته ممڪن آهي ته اڄ منهنجو آخري کاڌو هجي. هن اهڙو ڇو چيو، ان بابت مون کي ڪا خبر ناهي.
منهنجي ۽ رضا جي دوستي تمام سٺي هئي. منهنجي رڳو اها ڪوشش هئي ته ڪو اهڙو ثبوت ملي، جنهن سان رضا جو پتو پئجي سگهي. ڪميشن سوال ڪيو ته اوهان کي ڪمري مان ڇا مليو؟ ان تي رازق ٻڌايو ته مون کي هڪ ريسٽورنٽ جي رسيد ملي هئي.
ڪميشن سوال ڪيو ته گهر ۽ گاڏي جي تلاشي وٺڻ جو خيال ڪنهن جو هو؟ رازق ٻڌايو ته مون احمد سان بحث ڪيو هو ته آنٽي سان گڏ تلاشي ورتي وڃي.
ڪميشن جي سربراهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته احمد، عبدالله ۽ واسع ڪمري جي تلاشي وٺي رهيا هئا، اوهان ٽي چار دوست هڪ ٻئي جي بيانن کان مختلف بيان ڏئي رهيا آهيو. اوهان جي بيان مان لڳي ٿو ته ٻه ڀيرا تلاشي ورتي وئي، هاڻي اوهان چئي رهيا آهيو ته مان گاڏي جي تلاشي دوران موجود نه هئس.
مير رضا جي والد چيو ته مون ڪنهن به شيءِ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي. ڪارڊ گيم مون کي هيثم ڏني هئي، جنهن مون کي چيو هو ته اها والد ڏني آهي.
رازق پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته منهنجون مير رضا جي والده، والد ۽ ڀيڻ سان ٻه يا ٽي ملاقاتون ٿيون هونديون.
منهنجي چوڻ تي مير رضا اها گيم خريد ڪئي هئي. ڪميشن سوال ڪيو ته اوهان ڀيڻ کي ايپل واچ کولڻ لاءِ ڇو چيو؟ ان تي هن جواب ڏنو ته ڪڏهن ڪڏهن ان مان لوڪيشن وغيره ملي سگهي ٿي، ان ڪري اسان ائين ڪيو.
رازق چيو ته مان ٽيڪنالاجي استعمال ڪندو آهيان، تنهن ڪري مون ڀيڻ کان پڇيو ته ڇا واچ ۾ ڪو ميسيج آيو آهي؟ ڀيڻ چيو ته ميسيج آيو آهي ۽ هن واچ کولي.
رازق چيو ته مون ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته مون کي نقصان ٿيو هو، پر مير رضا اهو ڪم ڪري رهيو هو. هن وڌيڪ 10 لک رپيا ڪرپٽو ۾ سيڙپ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پر هن اهو نه ٻڌايو هو ته کيس اهي پئسا ملي چڪا هئا يا نه.
مجتبيٰ نالي هڪ شخص هو، جيڪو مير کي ڪرنسي ٽريڊنگ بابت مشورا ڏيندو هو. مان ساڻس پهريون ڀيرو فيروزآباد ٿاڻي ۾ مليس. مير جي عادت هئي ته هو هر قسم جو نفعو ۽ نقصان اسان سان بحث هيٺ آڻيندو هو. قتل کان هڪ ڏينهن اڳ تائين به هن ڪاروبار ۾ ڪنهن مالي پريشاني جو ذڪر نه ڪيو هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا احمد ۽ مير رضا جي وچ ۾ ڪا تلخ ڪلامي يا اختلاف هو؟ رازق ٻڌايو ته نه، منهنجي ڄاڻ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي آئي.
معطل ايس ايڇ او گلستان جوهر ڪامران قريشي جو بيان
ٿاڻو گلستان جوهر جي معطل ايس ايڇ او ڪامران قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته 29 جولاءِ تي منجهند جو 12 لڳي 39 منٽن تي مون کي لاش ملڻ جي اطلاع ملي. مان 4 ڪروڙ رپين جي گهر ۾ ٿيل ڦر بابت معلومات جي جاچ ڪري رهيو هئس.
اي ايس آءِ اظهر ٻڌايو ته هو نرسري وٽ موجود آهي ۽ هن تصويرون موڪليون. مون کيس چيو ته سامهون واري پاسي جون تصويرون به مون سان شيئر ڪريو. پوءِ اسان تلاش ايپ وارن کي چيو ته سڃاڻپ لاءِ سندس آڱرين جا نشان حاصل ڪيا وڃن.
منجهند جو ڏيڍ وڳي مون کي اطلاع ملي ته گيسٽ هائوس تي ڪو جهڳڙو ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري مان اتي پهتس. اظهر ٻڌايو ته گيسٽ هائوس تي ڪجهه ماڻهو آيا آهن، جن جو ٻار گم آهي. مون چيو ته انهن سان تعاون ڪريو. پوءِ اظهر تصويرون ڏيکاريون ته خاندان وارن ڪپڙن مان سندس سڃاڻپ ڪئي. ان کان پوءِ فيروزآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪيو ويو.
ڪميشن جي سربراهه سوال ڪيو ته اوهان جي خيال ۾ جڏهن لاش مليو ته اوهان ميمو نه ٺاهيو ۽ نه ئي ڪرائم سين کي اطلاع ڏنو، ڇا اوهان کي نٿو لڳي ته اهو غلط ڪم هو؟
ڪامران قريشي جواب ڏنو ته مون فوري طور فيروزآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسر کي اطلاع ڪيو. جتي لاش مليو، اتي لاڳاپيل ٿاڻي جا ذميوار آفيسر پهچي ويا هئا. عام ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ٿاڻي جي حدن ۾ ڪو واقعو ٿيو هجي ته لاڳاپيل ٿاڻي جي مدد ڪئي ويندي آهي.
ڪميشن سوال ڪيو ته جڏهن ٿاڻو پهچي چڪو هو ته اوهان سي سي ٽي وي بابت ڪهڙي مدد ڪئي؟ ڪامران قريشي ٻڌايو ته اسان رڳو ساڻن گڏ هئاسين، سي سي ٽي وي سان اسان جو ڪو واسطو نه هو.
ڪميشن جي سربراهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن گيسٽ هائوس ۾ اوهان موجود هئا، اتي غيرقانوني سرگرميون هلي رهيون هيون، ڇا اوهان کي ان جي خبر نه هئي؟ اوهان اتان ڪيترا پئسا وٺندا هئا؟ اوهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو.
ڪامران قريشي ٻڌايو ته مون گيسٽ هائوس جي سي سي ٽي وي فوٽيج اڳ ۾ ڏٺي هئي، ٿوري دير ۾ فيروزآباد جون ٽيمون اچي ويون.
ڪميشن پڇيو ته اوهان ڪهڙي اختيار تحت جاچ شروع ڪري ڇڏي؟ ڇا اوهان ڪا روزنامچي جي داخلا ڪئي هئي؟ ڪامران جواب ڏنو ته نه، مون ڪا داخلا نه ڪئي هئي.
ڪميشن جي سربراهه ايڊيشنل هوم سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فيروزآباد ۽ گلستان جوهر ٿاڻن جا روزنامچا سيل ڪري ڪميشن آڏو پيش ڪيا وڃن.
بعد ۾ ايس ايڇ او فيروزآباد، ڊاڪٽر سمعيه، ڊاڪٽر نسيم سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

“مير رضا جي دوست ۽ ايس ايڇ او جا بيان قلمبند” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو