’اوپن اَي آءِ‘ جي ايجنٽن جي جرمن ويب سائيٽ سان ٺڳي

’اوپن اَي آءِ‘ جي ايجنٽن جي جرمن ويب سائيٽ سان ٺڳي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اوپن اي آءِ ڇنڇر ڏينهن چيو آهي ته ان جي اي آءِ ايجنٽن وڪي سائيٽن کي بنا ڪنهن منصوبابندي جي پيغام پهچائڻ لاءِ بورڊ طور استعمال ڪيو، ۽ اهڙن واقعن بابت وڌيڪ شفافيت جي ضرورت آهي.
اهو بيان رائٽرز جي هڪ رپورٽ کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته اوپن اي آءِ جي ايجنٽن جي هڪ گروهه هن سال جي شروعات ۾ جرمني جي گڏيل طور تي ايڊٽ ٿيندڙ هڪ ويب سائيٽ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کي ٽيسٽن دوران ٺڳي ڪرڻ ۽ ٻين غير مجاز سرگرمين لاءِ هڪ ذريعي طور استعمال ڪيو.
اها ڄاڻ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن اي آءِ جي سلامتي بابت خدشا وڌيڪ وڌي رهيا آهن. جولاءِ ۾ هڪ واقعي دوران اوپن اي آءِ جا ايجنٽ ٽيسٽنگ واري ماحول مان نڪري ويا ۽ اي آءِ پليٽ فارم Hugging Face جي سسٽمن ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. ان واقعي کانپوءِ قانون سازن ۽ محققن خودمختيار اي آءِ نظامن تي وڌيڪ سخت نگراني جو مطالبو ڪيو آهي.
رائٽرز اڳ ۾ رپورٽ ڪري چڪو آهي ته اوپن اي آءِ جي عملدارن کي جرمن ويب سائيٽ واري واقعي جي ڪجهه هفتا اڳ ڄاڻ ملي وئي هئي، پر ڪمپني ان کي ڳجهو رکيو، جڏهن ته ان جا اعليٰ عملدار هگنگ فيس جي سسٽم ۾ ٿيل مداخلت ۽ ڀڃ ڊاهه جي نتيجن کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا.
اوپن اي آءِ رائٽرز جي ان سوال جو فوري طور جواب نه ڏنو ته ڪمپني کي ان واقعي بابت ڪيتري ڄاڻ هئي، جنهن کي هن ”وڪي واقعو“ قرار ڏنو آهي، ۽ رائٽرز جي رپورٽ شايع ٿيڻ کانپوءِ ئي ان بابت عوامي طور ڳالهائڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اوپن اي آءِ چيو ته ڪمپني ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اي آءِ جي غير ارادي رويي بابت واقعن ۾ وڌيڪ شفافيت اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي غير ارادي رويي کي اي آءِ صنعت ۾ عام طور تي ”مس الائنمينٽ“ چيو ويندو آهي.
اوپن اي آءِ چيو: ”ماڊلن جي صلاحيتن جي هن نئين مرحلي لاءِ مس الائنمينٽ بابت معلومات ظاهر ڪرڻ جا اسان جا طريقا وڌيڪ وسيع ڪرڻ گهرجن.“
ڪمپني وڌيڪ چيو ته اي آءِ صنعت وٽ اڃا تائين ڪو واضح معيار موجود ناهي ته ٽريننگ، جائزي ۽ عملي استعمال دوران سامهون ايندڙ مس الائنمينٽ جي واقعن بابت ڪيئن رپورٽ ڪيو وڃي.
اوپن اي آءِ چيو ته هو ”دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي سرڪاري ريگيوليٽري ادارن سان انهن معاملن تي ڪم ڪري رهي آهي.“

پهنجو تبصرو موڪليو