چين، دنيا جي 14 هزار ٽن وزن کڻندڙ پهرين ڪرين تيار ڪري ورتي

چين، دنيا جي 14 هزار ٽن وزن کڻندڙ پهرين ڪرين تيار ڪري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هڪ چيني ڳري مشينري ٺاهيندڙ ڪمپني دنيا جي پهرين 14 هزار ٽن وزن کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ رنگ ڪرين جو پهريون مکيه يونٽ تيار ڪري پيداوار واري لائن تان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن کي انتهائي ڳري وزن کڻڻ واري ٽيڪنالاجي ۾ هڪ تاريخي پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.
هي وڏي مشين گڏيل طور تي شوزو ۾ قائم XCMG ۽ بيجنگ سان تعلق رکندڙ ڳري وزن کڻڻ ۽ ٽرانسپورٽ ۾ ماهر ڪمپني سينوپيڪ هيوي لفٽنگ اينڊ ٽرانسپورٽيشن تيار ڪري رهيون آهن۔ اميد آهي ته هي ڪرين ايٽمي بجلي گهرن، توانائي منصوبن ۽ سمنڊ اندر قائم ٿيندڙ ونڊ فارمن لاءِ گهربل انتهائي ڳرا وزن کڻڻ جا ڪم سرانجام ڏيندي.
مڪمل طور تي گڏ ٿيڻ کان پوءِ هي ڪرين 14 هزار ٽن تائين وزن کڻي سگهندي، جڏهن ته ان جو وڌ ۾ وڌ لفٽنگ مومنٽ 7 لک ٽن ميٽر هوندو. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن خاصيتن جي ڪري اها دنيا ۾ هينئر تائين تيار ڪيل سڀ کان وڏي گنجائش واري رنگ ڪرين بڻجي ويندي.
XCMG گروپ ۽ XCMG مشينري جي چيئرمين يانگ ڊونگ شينگ چيو ته: ”هي ڪرين رڳو هڪ معمولي فني بهتري ناهي، پر عالمي ڳري وزن کڻڻ واري صنعت لاءِ هڪ وڏو انقلابي ٽپو آهي۔“
ماڊيولر نظام
هن ڪرين ۾ ماڊيولر ترتيب اختيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه مکيه يونٽ شامل آهن جيڪي گڏجي ڪم ڪندا۔ XCMG 28 آگسٽ تي ڪرين جي پهرين مکيه يونٽ جي آخري اسيمبلي مڪمل ڪري ان کي پيداوار واري لائن تان ڪڍي ڇڏيو۔ ڪمپني موجب هي يونٽ اڪيلي سر به وزن کڻڻ جا ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
جڏهن ڪمپني ٻيو ماڊيولر حصو پڻ مڪمل ڪري ٻنهي يونٽن کي گڏ ڪندي ته ڪرين پنهنجي مڪمل 14 هزار ٽن وزن کڻڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندي.
هن ڪرين ۾ جديد اليڪٽرڪ ڊائريڪٽ ڊرائيو سسٽم پڻ لڳايو ويو آهي، جيڪو بجليءَ جي توانائي کي سڌو سنئون حرڪت ۾ تبديل ڪري ٿو۔ ان سان توانائي جو استعمال 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويندو، جڏهن ته آپريشنل ڪارڪردگي ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيندو.
ڪمپني موجب هي ٽيڪنالاجي ٻارڻ جي خرچ ۽ ڪاربن جي اخراج ۾ پڻ نمايان گهٽتائي آڻي سگهي ٿي۔ يانگ ڊونگ شينگ هن منصوبي ۾ سينوپيڪ سان سهڪار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
توانائي منصوبن لاءِ انتهائي ڳرو وزن کڻڻ
هي رنگ ڪرين بنيادي طور تي ايٽمي منصوبن جي تعمير ۾ استعمال ٿيندي، جتي وڌندڙ سائيز وارن حصن لاءِ وڌيڪ طاقتور ڪرينن جي ضرورت آهي۔ هي ڪرين ايٽمي پلانٽن جا ماڊيول ۽ ٻين وڏن سامان کي ٻن ايٽمي يونٽن لاءِ سنڀالي سگهندي.
XCMG موجب ڪرين ساڳئي بوم ترتيب سان هڪ ئي هنڌ بيهي مختلف وڏا وزن کڻڻ جا ڪم مڪمل ڪري سگهي ٿي.
ان کان علاوه، هي ڪرين روايتي توانائي منصوبن لاءِ پڻ تيار ڪئي وئي آهي۔ اها وڏن ٽاورن ۽ ٻين وڏن ڍانچن کي ٽڪرن ۾ نصب ڪرڻ بدران مڪمل يونٽ طور کڻي سگهي ٿي۔ ان طريقي سان منصوبي واري هنڌ تي اسيمبلي، پريشر ٽيسٽنگ ۽ ٻين تنصيب وارن ڪمن سان لاڳاپيل خطرا گهٽجي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو