ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رينجرز ڪراچي جي بلديا ٽائون مان چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ‘لالو گينگ’ جو سرغنه به شامل آهي. ترجمان موجب، جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول، ميگزين، گوليون ۽ ٻه موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدارن 2 کان 3 موٽرسائيڪلون، 40 کان 50 موبائل فون ۽ تقريبن 10 لک رپيا چوري ڪيا آهن.ترجمان موجب، بلديا ٽائون ۾ هڪ هوٽل ۾ ڦرلٽ ڪندڙ جوابدارن جي سي سي ٽي وي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.










