ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) منگهو پير پوليس لکين رپين جي ڊيزل جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو.پوليس موجب گرفتار جوابدار مزدا ٽرڪن ۾ لڳل خفيه اضافي ٽينڪن ذريعي ڊيزل اسمگل ڪري رهيا هئا. چيڪنگ دوران 2 ٽرڪون ضبط ڪيون ويون ۽ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدار مزدا ۽ هٿ ڪيل ڊيزل کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين جي حوالي ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن ۾ سيف الله، اشرف ۽ آصف شامل آهن.










