سوني ڪمپني پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ گاڏي تيار ڪري ورتي

سوني ڪمپني پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ گاڏي تيار ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ شين جي حوالي سان مشهور ڪمپني سوني پهريون ڀيرو حيرت انگيز هڪ اليڪٽرانڪ گاڏي متعارف ڪرائي آهي. اليڪٽرانڪ گاڏي کي ڪمپني لاس ويگاس ۾ سي اي ايس ٽيڪنالاجي نمائش دوران پيش ڪئي. سوني جي پهرين ڪانسيپٽ گاڏي کي وزن ايس پروگرام تحت پيش ڪيو ويو ۽ في الحال صارفين کي کپائڻ لاءِ پيش ناهي ڪئي وئي. گاڏي کي ڪوالڪوم سميت ڪيترن ئي ڪمپنين گڏجي تيار ڪيو آهي. سوني ڪمپني گاڏي جو نالو ته ناهي ٻڌايو پر ان جو ڪوڊ نيم سيفٽي ڪوڪون رکيو آهي جنهن جي روڊ تي مڪمل آزمائش به ڪئي وئي آهي. گاڏي ۾ 33 سنسرز موجود آهن جن جي بدولت اها پاڻ ڊرائيو ڪندڙ، 360 ريئلٽي آڊيو ٽيڪنالاجي، وائيڊ اسڪرين ڊسپلي ۽ ٻيا فيچر استعمال ڪري سگهي ٿي. گاڏي جي اندر ۽ ٻاهر موجود سنسرز ۾ هاءِ ريزوليشن، ايڇ ڊي آر ڪموس اميج سنسرز ۽ راڊار وغيره قابل ذڪر آهن. ان کان علاوهه گاڏي ۾ 4 سيٽون، 200 واٽ جون 2 انجڻيون ڏنيون ويون آهن جيڪي 4.8 سيڪنڊ ۾ صفر سان 62 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڀڄڻ ۾ مدد ڏينديون آهن جڏهن ته ان گاڏي کي وڌ کان وڌ 149 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان به هلائي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو