سرگوڌا ۾ ڪارروائي، 2 افغان شهري گرفتار، 2 عورتون فرار

سرگوڌا ۾ ڪارروائي، 2 افغان شهري گرفتار، 2 عورتون فرار

سرگوڌا: (ويب ڊيسڪ) پوليس ڀبرا علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٻن افغاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه افغان عورتون فرار ٿي ويون. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ ابراهيم خان ۽ لال خان جي نالي سان ٿي آهي. فرار ٿيل عورتون گرفتار ٿيل افغاني شهرين جون زالون آهن جيڪي غير قانوني طور تي رهائش پذير هئا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل افغانين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل عورتن کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جن کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو