اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهبازشريف اربع تي سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جي بروقت تڪميل لاءِ وفاق جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو۔
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات اهڙي وقت ٿي، جڏهن وفاقي اتحادي پارٽين، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪراچي ۾ گل پلازه واقعي کانپوءِ حڪمراني ۽ بنيادي ڍانچي جي معاملن تي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي۔
وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي قدمن جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔
وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ منصوبن جي جلد تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته عوامي ڀلائي جي منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان ويجهو رابطو رکيو وڃي۔
وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي کي وفاقي حڪومت جو اهم اتحادي قرار ڏيندي چيو ته اتحادي پارٽين جي گڏيل سهڪار سان قومي ترقي کي وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو۔ هن چيو ته اتحادي پارٽين وچ ۾ هم آهنگي ۽ صلاح مشورو قومي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل لاءِ ضروري آهي۔
سنڌ جي قيادت کي اتحادي جوڙجڪ ۾ اهم ڀائيوار قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط هم آهنگي جمهوري نظام کي مستحڪم ڪندي ۽ عوامي مسئلن جي مؤثر حل ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيراسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، اعظم نزير تارڙ، راڻا ثناءُ الله ۽ اٽارني جنرل شريڪ ٿيا.
هي پيش رفت ڪراچي ۾ گل پلازه سانحي کانپوءِ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ شهر ۾ حڪمراني ۽ بنيادي ڍانچي جي معاملن تي، جتي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان پيپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي، تنقيد وڌي وئي۔
مرڪز ۾ اتحادي ڀائيوار پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم-پي شهر جي انتظامي حيثيت تي آمهون سامهون اچي ويا آهن۔ ايم ڪيو ايم-پي جي اڳواڻ ۽ صحت واري وزير Mustafa Kamal مصطفيٰ ڪمال وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي ملڪ جي “مالي گادي” قرار ڏئي وفاقي علائقو بڻايو وڃي۔
سياسي ڇڪتاڻ ان وقت وڌيڪ وڌي وئي جڏهن شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وال چاڪنگ ظاهر ٿي، جنهن ۾ ڪراچي کي وفاقي يا فوجي ڪنٽرول هيٺ ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا۔ گذريل هفتي سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڪراچي صوبي جو اڻٽٽ حصو آهي ان کي ڌار ڪرڻ نا ممڪن آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ يا وفاق هوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪندي رهي آهي.
جواب ۾ ايم ڪيو ايم-پي سنڌ اسيمبلي جي ان قرارداد جي مذمت ڪندي چيو ته نئين صوبي جي قيام کي رد ڪرڻ آئين جي خلاف ۽ قومي يڪجهتي لاءِ خطرو آهي۔
ان دوران گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس تي سنڌي قومپرست اڳواڻن تنقيد ڪئي، جن گورنرڪامران ٽسوڙي تي الزام لڳايو ته هن آئيني عهدي کي نسلي سياست لاءِ پليٽ فارم بڻائي ڇڏيو آهي۔
اڄ معاملو وڌيڪ سنگين ٿي ويو، جڏهن سنڌ جي اطلاعات واري وزيرشرجيل ميمڻ گورنر هائوس ۽ ڪجهه وفاقي وزيرن تي صوبائي حڪومت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کان مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت کان وضاحت طلب ڪئي وڃي۔
پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: ڪنڊي
صحافين خلاف ڏوهن تي خاموشي سچ ۽ انصاف جو آواز دٻائڻ برابر آهي
عظميٰ بخاري جي ذاتي حيثيت ۾ پيشي وارو حڪم معطل
برآمدن ۾ واڌ ۽ خانگي سيڙپڪاريءَ جو فروغ لازمي آهي: اورنگزيب
جي جي حديد جي پسنديده بالي ووڊ فلم جو نالو ٻڌائي مداح حيران
بيرسٽر سيف جا دعوٰي ڪوڙا آهن: بيرسٽر گوهر
سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ واڌ
افغانستان طرفان فائرنگ، ڀرپور جواب، طالبان پوسٽون ڇڏي فرار
ڪراچي ۾ مڙس مبينا طور زال تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو
شڪارپور ۾ پوليس آپريشن، ڌاڙيل مارجي ويو، 10 کان وڌيڪ زخمي
قلعه عبدالله ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي
برطانيا ۾ وياج جي شرح وڌڻ جو امڪان
گالفر احمد بيگ جي يورپين ٽور تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي
آبادي ۾ واڌ سان گڏ نوان صوبا به ضروري آهن: فاروق ستار
ايران کي معاهدو ڪرڻو پوندو، نه ته جلد معاملو اڪلائيندس: ٽرمپ
مهانگائيءَ جو عذاب، عوام رليف جي متلاشي
سنڌيار ڪراچي 02 نومبر 2026ع
سنڌيار سکر 02 نومبر 2026ع
ڀارت ۽ افغانستان کان آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳتي آهيون، ترجمان
اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال










