سولرائيزيشن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي

سولرائيزيشن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان نئين نيپرا پاليسي کي پاڪستان جي ماحولياتي واعدن جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نوان نيپرا قائدا صاف ۽ سستي بجلي ڏيندڙ شهرين کي سزا ڏيڻ جي برابر آهن. نيپرا تي ڀروسو ڪري سولرائزيشن ۾ سرمايو لڳائيندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته روف ٽاپ سولر ۽ ٻين سرمائيڪارن کي منفي پيغام ڏنو پيو وڃي، بجلي جي ورهاست جي نظام جي نجڪاري ڪئي وڃي يا انهي کي صوبن جي حوالي ڪيو وڃي.ياد رهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جا ريٽ گهٽ ڪري ڇڏيا آهن. نون ريگوليشنز موجب پراڻا سولر صارفين پنهنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 روپيه 32 پئسا في يونٽ جي پراڻي ريٽس تي ئي وڪرو ڪندا پر نئين صارفين جي لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ٿيندڙ بجلي جي في يونٽ ريٽ ۾ 17 روپيه 19 پئسا جي وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاڻ نئين صارف کي انهي جي في يونٽ قيمت 8 روپيه 13 پئسن تي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو