اسلام آباد،مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري، ٿڌ ۾ اضافو

اسلام آباد،مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري، ٿڌ ۾ اضافو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ڪڪر ڇانئجي ويا، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.ايبٽ آباد، هري پور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئي، ٿڌ جي شدت وڌي وئي، ڪنڊيان ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، هيٺانهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.نٿياگلي، ٿانڊياني ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري ٿي، ٿڌيون هوائون لڳڻ جو سلسلو جاري رهيو، موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين مينهن ۽ برفباري جاري رهڻ جو امڪان آهي

پهنجو تبصرو موڪليو