اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان حڪومت قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستاني حڪومت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ کيڏندو، قومي ٽيم کي 15 فيبروري تي شيڊول مطابق ميچ کيڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. پاڪستاني حڪومت چيو ته ميچ کيڏڻ جو فيصلو ڪرڪيٽ جي روح جي حفاظت لاءِ ڪيو ويو آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي باضابطه درخواست جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، حڪومت جو فيصلو بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي تسلسل ۽ راند جي واڌاري لاءِ ڪيو ويو.پاڪستان حڪومت هڪ بيان ۾ چيو ته وزيراعظم ۽ قوم گرين شرٽس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي .ان کان اڳ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا ۾ پاڪ ڀارت مئچ کيڏن گهرجي جڏهن ته وزيراعظم سريلنڪن صدر کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪ ڀارت مئچ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. سريلنڪن صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽي کي سريلنڪا ۾ ڀارت جي خلاف شيڊيول مئچ کيڏڻ گهرجي. هن چيو ته سريلنڪا ۾ دهشتگردي جي دوران پاڪستان سريلنڪن ڪرڪيٽ کي ڀرپور طريقي سان سپورٽ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي هر شيءَ تي فوقيت ڏني ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم دهشتگردي جي باوجود سريلنڪا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ دورا جاري رکيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪن صدر جي جذبن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ به مشڪل دورن ۾ سريلنڪا ڀرپور ساٿ ڏنو، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جاري رکي، تازو ئي سريلنڪن ٽيم پاڪستان جو دورو ملتوي نه ڪري پاڪستاني قوم ۽ ڪرڪيٽ شوقينن جي لاءِ هڪ نه وسارڻ جوڳو قدم کنيو. وزيراعظم سريلنڪن صدر کي ٻڌايو ته هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪ ڀارت مئچ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلي کان آگاهه ڪندو.
مشهور خبرون










