اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ امام بارگاهه تي آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب پشاور ۾ حملو ڪندڙ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. ڇاپي جي دوران انهي جا 2 ڀائر، ڀيڻيوو ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جاچ ذريعن موجب واقعي واري هنڌان آپگهاتي بمبار جو سڃاڻپ ڪارڊ مليو، سڃاڻپ ڪارڊ جي آڌار تي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ياسر جي نالي سان ٿي آهي.سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو عباس ڪالوني، شيرو جنگي چارسده پشاور لکيل آهي جڏهن ته موجوده پتو گنج محله قاضيان پشاور ٻڌايو ويو آهي.جاچ اختيارين ٻڌايو ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 5 مهينا افغانستان ۾ ترسيل رهيو، جتي هن هٿيار هلائڻ ۽ آپگهاتي حملي جي سکيا حاصل ڪئي.پوليس پشاور ۽ نوشهره ۾ حملو ڪندڙ جي امڪاني نيٽ ورڪ ۽ سهولتڪارن جي نشاندهي ۽ گرفتاري جي لاءِ ڇاپن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. واقعي جي سمورن رخن کان جاچ جاري آهي جنهن ۾ حملو ڪندڙن جي رابطن ۽ سهولتڪاري جي جانچ ڪئي پئي وڃي.پوليس ذريعن موجب جاچ جي دوران وڌيڪ اهم شاهديون ملڻ جو امڪان آهي جنهن دوران اسلام آباد ۾ انهي دهشتگردي جي واقعي جي پس منظر کي واضح ڪيو ويندو.










