پشاور: (ويب ڊيسڪ) بزرگ سياستدان حاجي غلام احمد بلور 86 سالن جي عمر ۾ چونڊ سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.بلور هائوس ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران اڳوڻي وفاقي وزير غلام احمد بلور چيو ته اسٽيبلشمينٽ منهنجي عمر جو به لحاظ نه ڪيو منهنجي کٽيل سيٽ تي ئي مون کي هارايو ويو. هن چيو ته مون هن ملڪ، قوم جي لاءِ 55 سال سياست ڪئي پر اسٽيبلشمينٽ کي شايد نه وڪرو ٿيندڙ ۽ نه جهڪندڙ جي ضرورت نه آهي انهي لاءِ مون کي 3 ڀيرا هارايو ويو.اي اين پي اڳواڻ چيو ته اسان جي ملڪ ڀارت کي ته جنگي ميدان ۾ شڪست ڏني پر اسان معاشي ميدان ۾ پوئتي آهيون، حڪمرانن سميت سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي باري ۾ سوچڻو پوندو.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ارڙهين ترميم کي بڪواس قرار ڏين ٿا پر انهن کي اها خبر نه آهي ته ارڙهين ترميم قرارداد مقصد جيان آهي جيڪڏهن انهي کي ڇيڙيو ويو ته ملڪ کي نقصان پهچندو.هن چيو ته منهنجي سيٽ تي هاڻ ڪير چونڊ وڙهندو اهو فيصلو پارٽي طرفان ڪيو ويندو. مان هڪ مضبوط پارٽي کي ڇڏي وڃڻ کان علاوه پشاور شهر کي به ڇڏي رهيو آهيان پر مان دفن هن مٽيءَ ۾ ئي ٿيندس.هن وڌيڪ چيو ته مون چونڊ سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سياست نه ڇڏي رهيو آهيان. اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن جو مان پشاور ۾ اڪيلو نٿو رهي سگهان انهي لاءِ اسلام آباد منتقل ٿي رهيو آهيان.










