راهداري منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي،وزيراعظم

راهداري منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي،وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ وزيرن جي ڪانفرنس جي اختتامي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جو خطو موجوده بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو تائين رابطي جو محور رهيو آهي، جنهن ۾ گوادر جي ڊگهي ساحلي پٽي ۽ ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي ڪراچي بندرگاهه شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، عالمي سطح تي ٽرانسپورٽ ۽ رابطي جي نظام ۾ تبديليون اچي رهيون آهن،وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ٽرانس افغان ريلوي، اسلام آباد، تهران ۽ استنبول ريلوي ڪوريڊور تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته علائقائي رابطي کي وڌائڻ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو