ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته دهشتگردي مشرف جي دور ۾ شروع ٿي هئي، ان وقت به خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي وڌي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سعيد غني چيو ته افغان حڪومت پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي ته هتي رهندڙ افغان پناهگير پنهنجي ملڪ واپس وڃن، ڇو ته ڪنهن به ملڪ جو غير قانوني شهري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهڻ جو حقدار ناهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي ساٿارين ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي ٿو، پر هاڻي کيس سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ڪو نرم هدف ناهي، اهو پيغام سڄي دنيا تائين پهچي ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ به احتجاج ڪيو هو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي.










