ڪورنگي (اسٽاف رپورٽر)آصفه ڀٽو خاتون اول پاڪستان ميئر ڪراچي مرتضي وهاب سعيد غني عذراپيچوهو ۽ ٻين ڪورنگي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالوجي (SICHN) جو دورو ڪيو. ۽ چيو تھ سنڌ کي فخرآهي ته ڪراچي ۾ اعظم بستي ڪورنگي جناح اسپتال ۽ سوڀراج کانسواء چار مرڪز موجود آهن ان کان علاوه سکر نوابشاھ ۽ لاڙڪاڻي ۾ به سهولتون ٻارن جون طبي سهولتون موجود آهن، هي سڀ ادارا سڄي صوبي ۾ ٻارن جي زندگي بچائڻ لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن انهن سينٽرن ۾ مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جي خرچ تي ۽ بغير ڪنهن فيس جي مفت علاج ٿي رهيو آهي، 200 بسترن جي هيءَ اسپتال گذريل 3 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي.هينئر تائين 296,588 مريضن جو هتي مفت علاج ڪيو ويو آهي، نوان ڄاول ٻارن، ۽ ٻارن مائرن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.اسپتال مڪمل طور تي جديد سهولتن سان ليس آهي جنهن ۾ شامل آهن، * 28 بسترن وارو PICU، 52 بسترن وارو NICU، ۽ 54 بسترن وارو جنرل پيڊياٽريڪ وارڊ 26 هاءِ فلو وينٽيليٽر يونٽ، 20 فوٽوٿراپي لائيٽون، 21 وينٽيليٽرز ۽ انڪيوبيٽرايم آر آئي ۽ سي ٽي اسڪين سميت جديد تشخيصي سهولتون پڻ موجود آهن ، ان سان گڏ، اها ڳالهه ڏاڍي خوشي ٿي ته اسپتال ۾ هڪ وقف ارلي چائلڊ هوڊ ڊولپمينٽ سينٽر (ECD) پڻ آهي، جتي ٻارن جي ذهني، سماجي ۽ جسماني ترقيءَ لاءِ معاون پروگرام مهيا ڪيا پيا وڃن.










