انساني حقن واري کاتي  نينگري جي وحشياڻي قتل جو  نوٽيس وٺي ڇڏيو

انساني حقن واري کاتي نينگري جي وحشياڻي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انساني حقن واري کاتي ڪراچي جي علائقي کوکراپار ۾ 16 سالن جي اريبہ جي وحشياڻي قتل جو فوري نوٽيس ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍا جي هدايت تي ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس آغا فخر حسين قانوني ٽيم سان گڏ واقعي واري جاءِ جو دورو ڪيو. آغا فخر حسين ٻڌايو ته سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ/ڊي اين اي جا نمونا وٺڻ جي عمل کي يقيني بڻايو ۽ مقتول نينگري جي وارثن کي ايف آءِ آر ۽ قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ به ڀرپور مدد فراهم ڪئي وئي. مقتول نينگري جي وارثن کي پوليس سان ڀرپور سھڪار ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويا. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي ڊائريڪٽر آغا فخر حسين مقتول نينگري جي وارثن کي يقين ڏياريو ته سنڌ جو انساني حقن وارو کاتو، مقتول نينگري جي وارثن کي انصاف ۽ مڪمل احتساب جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو