ڪراچي: ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گولي هڻي قتل

ڪراچي: ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گولي هڻي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو.پوليس موجب، 24 سالن جو جبران پنهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ سعودي عرب کان ڪراچي آيو هو.پوليس موجب، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، ۽ نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 22 ۾ فائرنگ ۾ هڪ سي ٽي ڊي اهلڪار زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو