ڪراچي (پ ر)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي رھائشگاھھ پھتو جتي آمد تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي کي ڀليڪار ڪندي سندس شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي محرم الحرام دوران سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس پاران ڪيل سڪيورٽي انتظامن جي تعريف ڪئي. ٻنھي رھنمائن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي اھم سياسي معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺي ڪئي وئي. ملاقات ۾ مجموعي ملڪي سياسي منظر نامي، وفاق ۽ صوبن ۾ لاڳاپن ۽ قومي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪاوشن تي تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي. ٻنھي اڳواڻ اُن ڳالھھ تي اتفاق ڪيو تھ ملڪ کي درپيش چيلنجز کي منھن ڏيڻ، قومي يڪجھتي ۽ عوامي مفاد لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.










