ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي بيماري وگهي 78 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.گهر ڀاتين موجب عبدالستار بچاڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو سندس لاڏاڻي تي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ضياءَ لنجار، ذوالفقار علي شاهه، نثار کهڙو ۽ وقار مهدي ڏک جي اظهار سان گڏ گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ مرحوم جي گهر ڀاتين سان گڏ آهيون، عبدالستار بچاڻي بااصول، ملنسار ۽ عوام دوست انسان هو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جمهويت ۽ عوام جي لاءِ مرحوم عبدالستار بچاڻي جي سياسي جدوجهد ۽ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.ھوڏانھن پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد جي سينئر اڳواڻ عبدالمنان صديقي پنھنجي بيان ۾ پيپلزپارٽي جي بزرگ اڳواڻ سابق صوبائي وزير عبدالستار بڇاڻي جي وفات تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي مرحوم جي پونيئرن سان دلي تعزيت ڪئي آھي ھن پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته علالت جي باعث مان ميت ۾ شريڪ ٿي نٿو سگھان پر ڏک جي ھن مشڪل گھڙي ۾ سوڳوارن سان گڏ غم ۾ برابر جو شريڪ آھيان منھنجي مرحوم سان ملاقات 2 دفعا سابق حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاھ لڪياري جي بنگلي تي ٿي تڏھن مان زون 3 موجودھ پي ايس 64 جو جنرل سيڪريٽري ھئس ھو وڏو ملنسار ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ ھو ان جي اچانڪ دنيا کان رخصتي سان پارٽي پنھنجي ھڪ سچي; مخلص ۽ بھادر ساٿي کان محروم ٿي وئي آھي ھن جون پارٽي لاء ڪيل گرانقدر خدمتن ۽ ڏنل قربانين کي ڪڏھن به فراموش نٿو ڪري سگھجي انھن کي ھميشھ ياد رکيو ويندو; الله تبارڪ و تعالي’ مرحوم جي مغفرت; جنت ۾ اعلي’ مقام ان جي سوڳوارن کي پنھنجي ھن پياري جي ھن جدائي جو صدمو برداشت ڪندي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.










