ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو.پوليس موجب، افسوسناڪ حادثو شاهراهه فيصل تي پيش آيو جتي موٽرسائيڪل سوارن جي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.اکين ڏٺن شاهدن موجب، موٽرسائيڪلون تيز رفتاري سبب ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.پوليس چيو ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ شهزاد جي نالي سان ٿي آهي.










