ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ گذريل ڏينهن ڪري تباهه ٿيل عمارت جي ملبي مان 16 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب 5 ماڙ عمارت جي ملبي ۾ 6 کان 7 ماڻهن جي دٻجڻ جي خبر آهي. ريسڪيو آپريشن 20 ڪلاڪن کان جاري آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ 8 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. پوليس اهلڪارن متاثر عمارت جي چوڌاري ٻين عمارتن کي به خالي ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.اسپتال انتظاميا موجب حادثي ۾ 3 زخمين جو علاج هلندڙ آهي.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت ڪِرندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو.عمارت ۾ 5 منزلون هيون ۽ ڇت تي هڪ پينٽ هائوس هو. ڊي سي سائوٿ جاويد کوسو لياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ريسڪيو آپريشن ۾ وڌيڪ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳندا، ۽ احتياط سان ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.جاويد کوسو چيو ته خطرو آهي ته 10 کان 12 ماڻهو اڃا تائين ملبي ۾ ڦاٿل آهن، هن عمارت کي 3 سال اڳ خطرناڪ قرار ڏنو ويو هو، ۽ عمارت کي ڏيڍ مهينو اڳ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.هن چيو ته لياري ۾ اڃا تائين 22 انتهائي خطرناڪ عمارتون آهن، لياري ۾ اڃا تائين 16 خطرناڪ عمارتون خالي ڪيون ويون آهن، ٻين عمارتن کي خالي ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.جاويد کوسو چيو ته نوٽيس کان پوءِ رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ويندو آهي، خطرناڪ عمارتن جا بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن عمارت خالي نه ڪئي وئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.










