ميرپور ماٿيلو ( ن هه )ميرپور ماٿيلو ۾ هڪ مال گاڏي جو انجن ۽ 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب، مال گاڏي پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي، ۽ حادثي کان پوءِ اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند ڪيا ويا آهن.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ کان ٽريڪ ٽٽي ويو آهي، بوگيون انجن کان الڳ ٿي ويون آهن، ۽ مسافر ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي.ريلوي اختيارين موجب، روهڙي کان هڪ امدادي ٽرين کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امدادي ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي.










