ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور ۾ ٻه ڏينهن اڳ قاضي ڪلوڙ ڳوٺ تي ڌاڙيلن چڙهائي ڪري نوجوان وارث علي ڪلوڙ کي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن بعد مغوي وارث ڪلوڙ جا ورثاء قرآن پاڪ کڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو احتجاجي ڌرڻي ۽ روڊ بند ٿيڻ سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون وارثن پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل اسان کي فون ڪري پوليس وٽ انهن جا پنهنجا گرفتار ماڻهون ڇڏائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا ڌاڙيل چون ٿا اگر اسانجا ماڻهون پوليس نه ڇڏيا ته مغوي وارث کي ماري ڇڏيندا سين ٻئي طرف ايس ايڇ او ڪشمور غلام عباس سندراڻي پهچي وارثن کي يقين ڌياني ڏئي ڪري بند روڊ کولرائي ڇڏيو










