حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي، 3 دهشتگرد گرفتار

حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي، 3 دهشتگرد گرفتار

حيدرآباد (ن س)دهشتگردي خلاف اهم قدم کڻندي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس حيدرآباد ۾ وڏي ڪاروائي ڪندي 5 ڪلو وزني بم، هٿيارن ۽ هٿ گرينڊن سميت ٽي خطرناڪ دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا.سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪاروائي قاسم آباد جي علائقي شهمير شورو لنڪ روڊ تي ڪئي وئي، جتي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو. گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ سارنگ ميراڻي، مهراڻ ميراڻي ۽ هالار چانگ شامل آهن، جيڪي مختلف دهشتگرد ڪارواين ۾ ملوث رهيا آهن.گرفتار ٿيلن وٽان 5 ڪلو وزني ريموٽ ڪنٽرول بم، 3 هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو. سي ٽي ڊي مطابق هٿ آيل مواد سان وڏي تباهي جي سازش رچائي پئي وئي.دهشتگردن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو