عوام جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو

عوام جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)عوام پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو، ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڀاڄين سميت ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به مهانگيون ٿي وينديون،هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ غريبن جي قوت خريد کي وڌيڪ گهٽائي ڇڏيندي. ياد رهي ته حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 10.39 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 272.98 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن سان پيٽرول جي نئين قيمت 266.79 رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو