ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بندش جاري آهي، ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بريڪ ڊائون کي 46 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، ۽ فالٽ اڃا تائين درست نه ڪيو ويو آهي.ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بندش زير زمين ڪيبل جي خرابي جي ڪري آهي.ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب، برسات جي پاڻي جي ڪري علائقي کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڻي گهٽجڻ سان ئي ڪم مڪمل ڪيو ويندو ۽ سپلاءِ بحال ڪئي ويندي.ٻئي طرف، پمپنگ اسٽيشن جي بندش سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري شهري ڏکيائي جو شڪار آهن.










