ڪراچي: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 گڏهه مري ويا

ڪراچي: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 گڏهه مري ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه گڏهه فوت ٿي ويا.جمعي ڏينهن، جڏهن مينهن دوران روڊ تي پاڻي جمع ٿي ويو، ته هڪ خراب زير زمين ڪيبل سبب ڪرنٽ وهڻ لڳو. جيئن ئي مزدور روڊ پار ڪيو، ته سندس ٻئي گڏهه بجليءَ جي ڪرنٽ سبب فوت ٿي ويا.پوليس موجب، ڪي-اليڪٽرڪ جي عملي غير محفوظ طريقي سان زير زمين ڪيبل وڇائي هئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن کي واقعي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو