ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي شيرپائو ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ ڪار ڊرائيور کان ڪنٽرول وڃائي ويٺي ۽ هڪ هوٽل سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ هوٽل ۾ ويٺل هڪ شخص فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. زخمي شخص ۽ لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، حادثي جو شڪار گاڏي بجلي سان هلي رهي هئي.










