ڪراچي: مختلف علائقن ۾ بوندا باندی، موسم خوشگوار

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ بوندا باندی، موسم خوشگوار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ صبح سوير ٿيندڙ بوندا باندي سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بوندا باندي ٿي، جن ۾ لياري، ماڙي پور، ڪلفٽن ۽ آس پاس جا علائقا شامل آهن.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ موسم جزوي طور تي ڪڪر آهي. شهر ۾ اڄ وقفي وقفي سان بوندا باندي جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون.موسميات کاتي موجب، اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته شهر ۾ هوا ۾ نمي 68 سيڪڙو آهي، ۽ اولهه کان 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو