ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 7 ضلعن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.پوليو جي خاتمي پروگرام موجب، پاڪستان ۾ 8 مئي کان 23 مئي تائين ماحولياتي نگراني هيٺ سيوريج جي پاڻي مان 9 نمونا گڏ ڪيا ويا.پوليو جي خاتمي پروگرام موجب، گوادر، ڪوئيٽا، ڏکڻ وزيرستان لوئر، ڏکڻ وزيرستان اپر، راولپنڊي، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص مان ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.پوليو جي خاتمي پروگرام جو چوڻ آهي ته پشين ۽ لاهور مان حاصل ڪيل ماحولياتي نمونن کي پوليو وائرس کان پاڪ قرار ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته گذريل مهيني ملڪ جي مختلف حصن مان پوليو ٽيسٽ لاءِ 116 ماحولياتي نمونا گڏ ڪيا ويا هئا، جن مان 47 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي مثبت هجڻ جي تصديق ٿي هئي.پاڪستان پوليو جي خاتمي پروگرام انتظاميه پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب، 69 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق نه ٿي. 34 ضلعن مان ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو، جڏهن ته سڀني ماحولياتي نمونن ۾ جهنگلي پوليو وائرس ٽائپ 1 جي تصديق ٿي.










