ڪرپشن ڪيس جو جوابدار ڇڏائڻ جو الزام،اقبال ميمڻ نيب طلب

ڪرپشن ڪيس جو جوابدار ڇڏائڻ جو الزام،اقبال ميمڻ نيب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ اقبال ميمڻ کي ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار آبپاشي کاتي جي انجنيئر کي پگهار تي آزاد ڪرڻ جي الزام ۾ طلب ڪيو آهي. نيب عملدارن موجب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ اقبال ميمڻ ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار آبپاشي کاتي جي انجنيئر کي پگهار تي آزاد ڪيو هو. انجنيئر هڪ ٽرائل قيدي هو جنهن کي وڏي وزير جي اجازت کان سواءِ آزاد ڪيو ويو هو.ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ اقبال ميمڻ تي قيدي کي آزاد ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻ جو الزام آهي.نيب هڪ ٽرائل جوابدار کي آزاد ڪرڻ جي الزام ۾ اقبال ميمڻ خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. جاچ جي حصي طور اقبال ميمڻ کي رڪارڊ سان گڏ 24 جون تي ڪراچي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، ڊي جي نيب پاران معاملي تي هڪ جاچ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو