شڪارپور(ن س)ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي هڪ بوگي گذريل رات دير سان شڪارپور ۾ پٽڙي تان لهي وئي، پر امدادي ڪارروائين کان پوءِ ٽرين کي پشاور موڪليو ويو.ريلوي اختيارين موجب، ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ بلوچستان ريلوي اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بحال ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته بچاءُ آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، جعفر ايڪسپريس کي ان جي منزل ڏانهن موڪليو ويو.اختيارين موجب، گهٽ رفتار سبب واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










