ڪراچي / حيدرآباد( م ڊ ) شهدادپور مان اغوا ڄاڻايل ۽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيندڙ ٽن ھندو ڀينرن جيا ٻائي، ديا ٻائي، دشا ٻائي ۽ نينگر ھني ڪمار کي ھندو پئنچائت ۽ والدين جي سخت احتجاج ڪرڻ کان پوءِ اغوا جي داخل ڪيل ڪيس ۾ شھدادپور پوليس ڪراچي ۾ نورجھان ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ جاء تي ڇاپو ھڻي ھٿ ڪري ورتو آھي.ان سلسلي ۾ شھدادپور پوليس ٻڌايو ته اغوا ڄاڻايل ٽن ھندو ڀينرن سميت چئن ڄڻن کي ڪراچي مان ڇاپو ھڻي ھٿ ڪري پوليس جي سخت پھري ھيٺ شھدادپور ٿاڻي آڻي سڀاڻي کين 164 جي بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي پوليس پاران گرفتار ڪيل نجي اسڪول جي استاد فرحان خاصخيلي سميت ٻن ڄڻن جي گرفتاري بعد نشاندھي ڪرڻ تي شھدادپور پوليس ڪراچي ۾ ڪاروائي ڪري ٽن ھندو ڀينرن سميت چئن ڄڻن کي بازياب ڪرايو آھي جڏھن ته ھندو پئنچائت شھدادپور جي اڳواڻن پاران اھڙي تصديق پڻ ڪئي وئي آھي.










