پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نه ئي ڀارت سان ڳالهين لاءِ بي چين آهي: بلاول

پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نه ئي ڀارت سان ڳالهين لاءِ بي چين آهي: بلاول

ڪراچي: (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نه ئي ڀارت سان مڪالمي لاءِ بي چين آهي.بلاول ڀٽو زرداري ايڪس تي لکيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مانجهاندي تي ملاقات پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي آهي، اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ٽرمپ جنگبدي ۾ ٽياڪڙي ڪئي.هن چيو ته تازي جنگ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف فيصلائتي ڪاميابي ماڻي، ڀارت بدقسمتي سان مستقل امن جي ڪوششن، آمريڪي سفارتڪاري کي رد ڪيو. سندس چوڻ هو پاڪستان نه ته ڇڪتاڻ چاهي ٿو ۽ نه ڀارت سان ڳالهين لاءِ بي چين آهي، اسان تسليم ڪيون ٿا ته امن ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو