ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ تي هڪ شاپنگ مال ۾ باهه لڳي وئي، 6 فائر فائٽر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.ريسڪيو ترجمان موجب، باهه شاپنگ مال جي ٽئين منزل تي هڪ نگراني ڪمري ۾ شروع ٿي، جنهن عمارت ۽ ان اندر ڪيترين ئي دڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. ريسڪيو عملدارن موجب، شاپنگ مال سان ملحق رهائشي عمارت جا رهواسي ٻاهر نڪري آيا آهن، ۽ سڀئي محفوظ آهن.










