حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدر آباد ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 4 ماڻھو فوت 23 زخمي، ڪراچي کان سانگھر ويندڙ مسافر بس کي قومي شاھراھ حيدر آباد ويجھو خوفناڪ حادثو ٿيو آھي جنھن ۾ ٽي مسافر افٽ مري ويا،23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن،زخمين کي اسپتال پھچايو ويو آھي ان کان اڳ حيدرآباد ۾ جي او آر ٿاڻي جي حد ٿڌي سڙڪ تي پنھور ڳوٺ سامھون تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو نوجوان زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ فوت ٿيل نينگر جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي پوليس کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي، جڏھن ته زخمي پنھنجو نالو مجاھد پٽ عارف عباسي ٻڌايو، جيڪو اصل ڪنڊيارو جو رھواسي آھي. حادثي کانپوءِ ڪار سوار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهن کيس روڪي ورتو، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.










