ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ نم رهندي ۽ اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي چيو ته ڪراچي جي هوا ۾ نمي جو تناسب هن وقت 72 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ هوائن جي رفتار هن وقت 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.موسميات کاتي اهو به چيو ته سومر ۽ اڱاري تي ڪراچي ۾ مينهن جو امڪان آهي، سومر تي ڪجهه هنڌن تي هوائون ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.










