ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر موجب ڪراچي جي علائقي ملير، شاهه فيصل ڪالوني، قائدآباد، گلزار هجري، يونيورسٽي روڊ ۽ ان جي چوڌاري علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.چيف ميٽرولوجسٽ ٻڌايو ته زلزلي جا لوڏا لانڍي، فالٽ لائين متحرڪ ٿيڻ سبب اچي رهيا آهن ۽ اهي لوڏا ڪيستائين جاري رهندا انهي جي باري ۾ ٻڌائڻ ناممڪن آهي.هن چيو ته 2009 ۾ به لانڍي فالٽ لائٽ متحرڪ ٿي وئي هئي، انهي وقت 2 مهينن کان وڌيڪ تائين معمولي شدت جا زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا هئا.










