ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ملير جيل مان فرار ٿيل چار وڌيڪ قيدي پڪڙيا ويا.جيل اختيارين موجب، هاڻي تائين 157 قيدي گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 68 مفرور قيدين جي ڳولا جاري آهي.جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ملير جيل مان ڪُل 225 قيدي فرار ٿيا آهن ، ۽ فرار ٿيل قيدين جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پوليس اختيارين اهو به چيو هو ته ملير جيل مان فرار ٿيندڙ ٽن وڌيڪ قيدين کي پڪڙيو ويو آهي.










