ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايس ايڇ او شاهراه فيصل چيو ته جڏهن موٽرسائيڪل سوار نوجوان شهرين راشد منهاس روڊ تي پوليس آفيسرن کي ڌاڙيلن بابت اطلاع ڏنو ته انهن شڪي ماڻهن جو پيڇو ڪيو.پوليس موجب، ان دوران، گلستان جوهر جي بلاڪ 16 اي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس سان مقابلو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ 20 سالن جي مهران ۽ 23 سالن جي جهانگير جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان ٽي پستول، هڪ موٽرسائيڪل ۽ چوري ٿيل موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.










